ساجن فقير باريجو

ساجن فقير باريجو (ماڳ): هي ماڳ، غيبي ديري، ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ ۾ آهي. ساجن فقير وڏو درويش هوندو هو، ڪڏهن ڪڏهن وتائي فقير جهڙيون ڳالهيون ڪندو هو، برسات جي موسم ۾ سردار غيبي، ڏاتا خان فقير صاحب کي گهرائي سمهه هڻائيندو هو. هن جي وفات 4 محرم الحرام 1288هه/1871ع ۾ ٿي، رائنڪن جي قبرستان ۾ دفن ٿيل آهي. سندس قبر تي غيبي ديري جا ماڻهو دعا گهرڻ ايندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو